اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا، معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ، فيڪ ني??ز ۽ ڪردارڪشيءَ جي لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال جي اجازت هرگز نه ڏينداسين، پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي تحفط فراهم ڪر?? ٿو، آئين جي منافي ڪنهن به پوسٽ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽڪ ٽاڪ جي ريجنل هيڊ ??ف ايشيا پيسيفڪ جي قيادت ۾ 6 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ ريجنل هيڊ ??ف ايشيا پيسفڪ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي (ٽي اينڊ ايس) جياگن عيپ، ريجنل هيڊ اي پي اي سي آئوٽ ريچ ڪيري ووڊز، هيڊ جي آر پاڪستان فهد نيازي، هيڊ پبلڪ پاليسي پروگرام زاره بشارت، ٽرسٽ اينڊ سيفٽي پاڪستان جي عاصمه انجم ۽ ثانيه اختر شامل هئي. وفد سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته عوام کي ٽڪ ٽاڪ جي استعمال بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽڪ ٽاڪ انتظاميا مقامي زبان کي ترجيح ڏي. هن چيو ته ماضي ۾ جن سببن جي ڪري ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ٿي، انهن کي نظر ۾ رکندي ٽڪ ٽاڪ انتظاميا موثر قدم کنيا. هن چيو ته نوجوانن کي ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز جي تياري جي حوالي سان سيفٽي ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان جي 75 سالا گولڊ جوبلي تقريبن ۾ ٽڪ ٽاڪ سان پارٽنرشپ ڪئي ويندي، ان پارٽنرشپ جو مقصد نوجوانن ۾ حب الوطني جي جذبي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميا اطلاعات واري وزارت جي انتظام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي جي پليٽ فارم کي پڻ آگاهي جي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته والدين کي به ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي معاشرتي ۽ مذهبي قدرن جي حوالي سان آگاهي ڏيڻي پوندي. هن يچو ته پي بي اي سان گڏجي آگاهي مهم هلائي سگهجي ٿي، اطلاعات واري وزارت ان ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي صحت جي حوالي سان مهمن کي به فروغ ڏئي سگهج?? ٿو، اهڙي طرح وڌ کان وڌ ماڻهن کي صحت جي حوالي سان آگاهي ملندي. ان موقعي تي ٽڪ ٽاڪ جي وفد جي ميمبرن ڳالهائيندي چيو ته ٽڪ ٽاڪ ايپ حڪومت سان پارٽنرشپ جي ذريعي نوجوانن جي رهنمائي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت ۽ قدرن جي فروغ لاءِ پڻ ٽڪ ٽاڪ ايپ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وفد جي ميمبرن چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي ڪڏهن به رياست مخالف ۽ توهين مذهب جي حوالي سان مواد شيئر ناهي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن ۽ پي ايس ايل جي موقعي تي ٽڪ ٽاڪ ايپ تي قومي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لکين وڊيوز تيار ٿيون، مستقبل ۾ به ان جذبي کي برقرار رکيو ويندو ۽ قومي ڏينهن جي حوالي سان نوجوانن ۾ حب الوطني جي جذبي کي فروغ ڏنو ويندو. ٽڪ ٽاڪ جي وفد ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Wealth Forging کے سرکاری تفریحی لنک
-
SC tells Centre and Sindh to find solution of Rangers reservations
-
Nisar directs effective security plan for PTIs rally
-
Very hot weather expected in most parts
-
US refuses to comment on McCains call for COAS extension
-
Security forces arrest 98 suspects during raids in Karachi
-
Two more MQM offices razed in Karachi
-
Indian MPs curious to know Russian Armys secret landing in GB?
-
Armed forces are not worried about India at all: air chief
-
Opposition Leaders Office renovated to welcome new office-holder
-
Zardari to attend Trumps inauguration as US president
-
Cylinder blast in Rawalpindi injures at least eight people