انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني عوام پ??هن??ي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني جانين ??ي زيان جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪستان جي عوام سک سان نه ويهندي جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان پاران زلزلي متاثرين ??ي مدد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صدارتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين ??ي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان تي ترڪيه جي صدر ۽ ترڪ قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ترڪيه جي مختلف علائقن کي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي پ??هن??ي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام پ??هن??ي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ان وقت تائين ??رام سان نه ويهندي جيستائين ??لزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحالي نٿي ٿي وڃي. صدر اردوان تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ??س ۾ ترڪيءَ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان اڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. وزيراعظم ترڪيه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ??س ۾ ترڪيه سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جي ا??هار لاءِ خصوصي طور تي ترڪيه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي موجود پاڪستاني ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.
متعلقہ مضامین
-
Pakistani professors earn prestigious MIT recognition
-
Children, women among 18 dead in road accidents across country
-
Big Bingjing Entertainment Official APP
-
PML-N plans to sabotage PTI public meetings
-
Chandio suggests including Edhi’s social services in syllabi
-
Hurriyat leaders thank Mamnoon for his support
-
PEMRA conducts raids against devices airing Indian content
-
PPP terms CAO a democratic dictatorship of ruling Sharifs
-
Opp asks PM to step down over false statement in NA
-
این ایس الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ – ایک جدید گیمنگ کا تجربہ
-
کیسینو آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس کی مکمل گائیڈ
-
سپر اسٹرائیک آفیشل گیم پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد