اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم شاگردن لاءِ خصوصي ڪمپيوٽرز ۽ سافٽ ويئر جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي نمائندا، اين جي اوز ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتا شاگردن کي معياري ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن تي ٻڌل هنر فراهم سان گڏوگڏ اسڪول کي ??ديد دور جي تدريسي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سموري ضروري مدد فراهم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل اسپيشل ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار بلوچستان جي شاگردن سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اسڪول کي ??يڪندڙي سطح تائين اپ گريڊ ڪرڻ، نصاب کي ??هتر ۽ جديد بڻائڻ، اسڪول کي ??ديد تعليمي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. صدر چيو ته شاگردن کي ??هترين آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ۽ آءِ ٽي جون مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته حڪومت ۽ پرائيويٽ س??ڪٽر خصوصي ماڻهن لاءِ سرڪاري عمارتن، اسپتالن، تفريحي سهولتن، پبلڪ ٽرانسپورٽ، گهٽين ۽ رستن تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي ضروري قدم کڻن،حڪومت ۽ سول سوسائيٽي مناسب تعليم، هنر، تربيت ۽ مناسب نوڪرين تي مقرري جي ذريعي معاشري ۾ انهن ماڻهن جي موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هن چيو ته معذور ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ، جيڪو 2020ع ۾ منظور ڪيو ويو، حڪومت پاڪستان کي پابند ڪريان ٿو ته هو ان ??ال??ه کي يقيني بڻائي ته هر معذور ماڻهو جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان کي ??نا ڪنهن امتياز جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي سميت سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي برابر موقعن سان گڏوگڏ هڪ مهذب زندگي گذارڻ جو حق هجي. صدر کي ٻڌايو ويو ته شاگردياڻيون پنهنجي تعليمي سرگرمين جي سلسلي ۾ اسلام آباد جو دورو ڪري رهيون آهن، نيشنل اسپيشل ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ معذور شاگردن جو واحد تعليمي ادارو آهي، اداري ۾ پرائمري تعليم ۽ هنرمندي جي پروگرامن ۾ 160 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن.
متعلقہ مضامین
-
Medusa II آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح کا نیا دور
-
خوش قسمتی کے دیوتا کا سرکاری تفریحی پورٹل
-
Vampire Amulet Rasmi Tafrehi Portal
-
Train collision: death toll mounts to 21, 40 injured in Karachi
-
COAS to soon improve situation at LoC
-
Crews negligence to blame for PK-661 crash: investigations
-
مہجونگ روڈ: آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات
-
T1 الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم کی دنیا میں انقلاب
-
AG آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
سپر ہٹ ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
BNG الیکٹرانک ایمانداری بیٹنگ ایپ: کھیلوں میں شفافیت اور اعتماد کا نیا دور
-
فارچیون ریبٹ ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح کا نیا اور محفوظ پلیٹ فارم