اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي هوندي، دهشتگردي کي پوري رياستي قوت سان منهن ڏنو ويندو، ڌرتيءَ جي هڪ هڪ انچ تي رياست جي عملداريءَ برقرار رکي ويندي، ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ سمورن وسيلن کي متحرڪ ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 40هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي سروسز جي چيفس ۽ انٽيلي جنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. پڌرنامي موجب اجلاس قرار ڏنو ته ”قومي سلامتي“ جو تصور معاشي سلامتي جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ اهو ته معاشي پاڻڀرائپ ۽ خودمختياري کانسواءِ قومي خودمختياري ۽ وقار تي دٻاءُ اچي ٿو. اجلاس ۾ جاري معاشي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ويو جن??ن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عام ماڻهو خاص طور تي هيٺئين ۽ وچولي طبقن کي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ناڻي واري وزير اجلاس کي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪومتي روڊ ميپ تي بريف ڪيو جنهن ۾ عالمي مالياتي ادارن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه، گڏيل مفاد تي ٻڌل ٻين اقتصادي ذريعن ڳولڻ سان گڏوگڏ عام ماڻهو کي ريليف جا جامع قدم شامل آهن. معيشت جي مضبوطي جي لاءِ ڪميٽي ??وس قدمن تي اتفاق ڪيو جن ۾ درآمدات ۾ توازن آڻڻ ۽ ڪرنسي جي ٻاهرئين ملڪ غيرقانوني منتقلي جو خاتمو آهي. زراعت جي پيداوار ۽ مينوفيڪچرنگ شعبي ۾ اضافي جي لاءِ خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو ته ??يئن فوڊ سيڪيورٽي، درآمدات جي متبادل ۽ روزگار جي موقعن کي يقيني بڻائي سگهجي. عزم ظاهر ڪيو ويو ته ??وامي مفاد ۽ ڀلائي تي ٻڌل معاشي پاليسيون اولين ترجيح هونديون جن??ن جي ثمرن مان عام ماڻهو فائدو کڻي. اتفاق ڪيو ويو ته ??مورين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تيز رفتار معاشي بحالي ۽ روڊ ميپ تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. 3 ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن تي غور ڪندي اجلاس عزم ظاهر ڪيو ته ??وبائي حڪومتن ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن جي تعاون سان ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اجلاس وزيراعظم جي قيادت ۾ سمورين وفاقي ڌُرين سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي کي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم زور ڏنو ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ قومي سيڪيورٽي پاليسي موجب وفاق ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي خلاف جنگ جي قيادت ڪنديون جنهن ۾ عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي مرڪزيت حاصل آهي. سازگار موزون محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ ۾ هٿياربند فوج هڪ ??وس ڊيٽرنس فراهم ڪندي. صوبائي ايپڪس ڪميٽيون بحال ڪيون پيون وڃن جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ادارن جي صلاح??تن ۽ سگهه کي گهربل معيار تي آندو ويندو. اجلاس قرار ڏنو ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي سرزمين دهشتگردن جي پناهگاهه طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي دفاع جو هر حق محفوظ رکي ٿو. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ ”زيرو ٽالرنس“ جي عزم کي ورجائيندي هر قسم جي دهشتگردي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جو وچن ورجايو. دهشتگردي کي پوري رياستي قوت سان منهن ڏنو ويندو. پاڪستان جي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ٿي ٿو سگهي ۽ پاڪستان جي سرزمين جي هڪ هڪ انچ تي رياستي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Jackpot Slot Machine ایمانداری سے تفریح ویب سائٹ
-
Opp dismisses Panama leaks inquiry commission under Justice (r) Usmani
-
Pakistani origin suspected militants extradited, jailed
-
Grenade attack in Awaran districts main market injures 10
-
Pakistan cracks down on TV airing Indian content as tension escalates
-
NA passes resolution for annual delegation visit to Madina
-
Rangers detain MQM-London activists amid Azizabad scuffle
-
Illegal gas user caught
-
Starburst Entertainment Official App - آپ کا مکمل تفریحی پارٹنر
-
زیما آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے: مکمل رہنمائی اور تفصیلات
-
ٹبر آف ٹریژرز مائشٹھیت بیٹنگ لنکس کی اہمیت اور تفصیل
-
ڈریگن ہیچنگ 2 انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ پلیٹ فارم کا تعارف