اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري پاڪستان جو ٻيهر ??در چونڊجڻ تي چين جي صدر ??ي جن پنگ پاران مبارڪباد ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيندي چيو آهي ته چ??ن سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ??در پاران مبارڪباد واري پيغام تي ??در هڪ خط ۾ سندس ٿورا مڃيا. صدر ??صف علي زرداري صدر ??ي جن پنگ کي خط جو جواب ڏيندي گڏيل عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ، سدا بهار حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي مفاد جي لاءِ گڏيل ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چيني صدر ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر ??صف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين رڳو پاڙيسري نه پر مضبوط ڀاءُ آهن، ٻنهي ملڪن پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. ??در چيو ته ٻئي ملڪ سدا بهار تعاون جي حصيداري جي ڪاميابي جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته صدر ??ي جن پنگ جي اڻٿڪ حمايت سي پيڪ جي ترقي جي لاءِ لازمي رهندي، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ منفرد رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن سان پاڪ – چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. ??در چين سان عملي تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي صدر ??ي جن پنگ پاران پاڪ – چين دوستي طرف صدر ??رداري جي عزم جي اعتراف کي پڻ ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
SC to hear review plea on 18th
-
No change in govt’s solar energy policy, says PM Shehbaz
-
Pakistan to send delegation to US for trade and tariff talks
-
ڈائس ہائی اور لو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
ڈریگن اینڈ ٹریژرز آفیشل گیم ویب سائٹ - جادوئی مہم جوئی کا آغاز
-
Vampire Amulet Rasmi Tafrehi Portal
-
Yehu Official Entertainment App: Tafreeh Ka Naya Daur
-
Iqbal Jhagra sworn in as Pakhtunkhwa governor
-
Pakistan, Iran set up joint task force
-
Scaffolding training of 200 locals to be held in Thar
-
Turkmenistan protests at mistreatment of delegation
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment