آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار، توانائي ۽ رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ رابطن جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدمن ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ حڪومت پاران شروع ڪيل بحالي جي ڪمن بابت آگاهه ??يو. هن ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. صدر امام علي رحمان کيس ان سلسلي ۾ تاجڪستان پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن ۾ ٻوڏ بابت ضروري امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اضافي قافلي جي روانگي پڻ شامل آهي. وزيراعظم گذريل مهيني ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي تاجڪ صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ??يو. ٻنهي اڳوا??ن اعليٰ سطح جي رابطن، بين الپارلياماني رابطن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي ملاقاتن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٺوس تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. ان موقعي تي ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪو وچ ايشيا سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه جو مرڪز هوندو. وزيراعظم خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي روڊ ٽرانسپورٽ ۽ فضائي رابطن جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ??ي زور ڏنو. هن تاجڪستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ??يو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر اقتصادي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ زميني ۽ فضائي رابطي جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ??يو.
متعلقہ مضامین
-
CM KP declares new plans for ETD
-
Discover Pakistan: Country highlights tourism at ITB Berlin
-
Bilawal calls for evolving consensus on new canals issue
-
Commissioner reviews campaign against profiteering during Ramazan
-
Lucky Pig Official Entertainment Portal
-
Khula without husbands consent un-Islamic: CII
-
Dar receives budget documents signed by PM
-
Industrialists demand uninterrupted power supply
-
PPP demands change through parliament
-
TP کارڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
الیکٹرانک پی پی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کا آسان اور محفوظ طریقہ
-
ہیل ہیٹ آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ